پاٽولڪو ڪم

پاٽولڪو ڪم

پاٽولِڪو ڪم

پاٽولِڪو ڪم: پٽ ريشم جي ڪم کي ’پاٽولڪو ڪم‘ چوندا آهن، جيڪو هندو توڙي مسلمان پاٽولي‘ (ڏسو: پاٽولي) ڪندا اچن ٿا. پاٽولي عورتن لاءِ سڳيون، اڳٺ، هار ۽ ڳانا ٺاهيندا آهن ۽ جڳهين ۾ آرائش ۽ زيبائش جو بندوبست به ڪري ڏيندا آهن. هنن جا ٺاهيل هار سڄي سنڌ ۾ مشهور رهيا آهن. خيرپور جي پاٽولين مان ديوان ڀڳوانداس مشهور هوندو هو. روهڙيءَ شهر ۾ اهو ڪم ڪيترا پاٽولي (مسلمان) اڄ به ڪن ٿا. روهڙيءَ ۾ پاٽولي پاڙو به مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


هنرمند - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آڳڙيا
پترائي
پاٽولِڪو ڪم
هنرمند ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون